امام الدين مجددي

امام الدين مجددي: خواجه امام الدين مجدديءَ جو شمار سنڌ جو وڏو عالم هو . سندس والد خواجه نظام الدين مجددي تصوف جو ڄاڻو ۽ باعمل بزرگ هو . هو پشاور ۾ ڄائو ۽ پوءِ پنهنجن ٻن پٽن سان گڏ سنڌ ۾ آيو . ان وقت سنڌ ۾ امير تيمور بن احمد شاهه ابداليءَ پاران شڪارپور جو حاڪم نواب مولا داد خان افغاني هو ، جيڪو خواجه نظام الدين جو معتقد هو .هيءُ خاندان اڄ تائين شڪارپور ۾ رهي ٿو . ٽالپرن پڻ هن گهراڻي کي ڪيتريون جاگيرون نذراني طور ڏنيون . خواجه نظام الدين جي وفات کان پوءِ ، سندس وڏو فرزند امام الدين مجددي سجاده نشين ٿيو،هو هڪ صاحب ڪمال بزرگ هو ، جنهن وٽ هندو توڙي مسلمان زميندار ۽ عملدار سلامي ڀرڻ ايندا هئا .سندس ڪلام ، گهڻو ڪري فارسي زبان ۾ آهي . آخري عمر ۾ پاڻ حرمين جي زيارت لاءِ ويو . ۽ واپس موٽندي ، ڪراچيءَ کان هڪ ٻيڙيءَ رستي سکر اچي رهيو هو ته لڪيءَ وٽ سڀني کي ” الوداع “ چيائين ۽ 28 رجب 1294هه/1877ع ۾ رحلت ڪيائين . کيس لڪيءَ جي جبلن ۾ امانت طور دفن ڪيو ويو ، جتان پوءِ سندس فرزند لاش کڻائي اچي شڪارپور ۾ ، خواجه نظام الدين جي ڀرسان دفنايو .


لفظ امام الدين مجدديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1294.07.28  هجري

امام الدين مجددي 28 رجب 1294هه/1877ع ۾ رحلت ڪيائين


1877.00.00  عيسوي

امام الدين مجددي 28 رجب 1294هه/1877ع ۾ رحلت ڪيائين



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سرفراز ڪلهوڙو
آتم تلريجا
اقبال جوڳي
چاڪر خان رند
تاجو جتوئي
اعجاز ٻرڙو
درويش قطب
جان محمد عباسي فدا
مير ٺارو خان ٽالپر
احمد شاهه ذاڪري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون